Share this link via
Personality Websites!
ٿو: ”جيڪو ماڻهون منهنجي سبب پاڻ ۾ محبت رکندا آهن ۽ منهنجي سبب هڪ ٻئي وٽ ويهندا آهن ۽ پاڻ ۾ مِلندا جُلندا آهن ۽ مال خرچ ڪندا آهن، ان سان منهنجي محبت واجب ٿي وئي“۔
("الموطا"للامام مالک،کتاب الشعر،باب ماجاء فی المتحابین فی اللہ،الحدیث:1828،ج2،ص439)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح ٻانها، پنهنجي خالق ۽ مالڪ عَزَّوَجَلَّ سان مَحَبَّت ڪندا آهن، اهڙي طرح اللہ عَزَّوَجَلَّ به پنهنجي ٻانهن سان مَحَبَّت فرمائي ٿو گڏوگڏ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ٻانهي سان مَحَبَّت مختلف اعتبار سان ٿي سگھي ٿي، مثلاً اللہ عَزَّوَجَلَّ جو ٻانهي سان راضي ہئڻ، ان سان خير جو اِرادو فرمائڻ، ٻانهي جي تعريف ڪرڻ، ان کي پنهنجي ثواب سان مالامال فرمائڻ، ان سان عَفۡو و دَر گُزرڪرڻ، ان کي پنهنجي اطاعت ۾ مشغول رکڻ ۽ پنهنجي نافرماني کان بچائڻ۔ (روح البیان ، سورۂ آلِ عمران، تحت آیۃ، ۱۴۸،۱/۱۰۷ بیضاوی، بقرۃ، تحت الآیۃ۱۶۴، ۱/ ۴۴۱،تفسیرِ خازن، تحت الآیۃ، قل ان کنتم تحبون اللہ فاتبعونی۱/۲۴۳)
اللہ عَزَّوَجَلَّ جڏهن پنهنجي ٻانهي سان مَحَبَّت فرمائيندو آهي، ته ان کي دِين جي مَحَبَّت عطا فرمائي ڇڏيندو آهي جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي ته اللہ تَعاليٰ دُنيا ان کي به ڏيندو آهي، جيڪو ان کي محبوب ہجي ۽ ان کي به جيڪو محبوب ناهي ۽ دِين صرف ان کي ئي ڏيندو آهي، جيڪو ان جي ويجھو پيارو ہوندو آهي، تنهنڪري جنهن کي اللہ عَزَّوَجَلَّ دِين ڏنو، ان کي مَحبُوب بڻائي ورتائين۔ (''شعب الإیمان''، باب في قبض الید عن الاموال المحرمۃ،الحدیث:۵۵۲۴،ج۴، ص۳۹۵ ۔ ۳۹۶)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami