Share this link via
Personality Websites!
۾ جلدي جلدي تشريف وٺي آيا، هن جلدي جي ڪيفيت ۾ اتّباعِ سنّت جو عالَم هي هو جو مسجد جي دروازي جي ڏاڪي تي جنهن وَقت سندن قدمِ مُبارَڪ پهتو ته ساڄو، مسجد جي نئين فرش ۽ پُراڻي فَرش تي به ساڄو قدم رکيائون، اڳيان مسجد جي صحن ۾ هڪ صَف وڇايل هئي ان تي ساڄو قدم رکيو، ۽ ان تي بَس نه هر صَف تي پهريان ساڄوئي قدم رکيائون، ايستائين جو محراب ۾ مُصليٰ تي به ساڄو قدم ئي رکيو۔
(فيضانِ اعليٰ حضرت ۱۲۲، بتغير)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اعليٰ حَضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيڏا سُنّت جي پيروي ڪندڙ هئا جو هر ڪم سُنّت جي مُطَابِق ڪرڻ جو اِهتِمام ڪندا ها، اسان کي به پنهنجن معاملن ۾ سُنّتُن کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، خاص ڪري هر نيڪ ۽ جائز ڪم ساڄي پاسي کان ساڄي ئي هٿ سان شُروع ڪرڻ جي عادَت بنائڻ گھرجي ڇوته سُنّتون اپنائڻ ۾ ئي عظمت آهي، ان سان گڏوگڏ سادي زِندَگي گُذاريون، عاجزي ۽ اِنڪساري جا پيڪر بڻجون، هميشه ٻين سان حُسنِ اَخلاق سان پيش اچون، وڏن جي عِزَّت ۽ ننڍن تي شَفقَت ڪيون، پنهنجن ماتَحتن سان بهتر سُلوڪ ڪيون، مُسَلمانن جي خَيرخَواهي ۾ هميشه اڳتي رهون، اَلغَرَض! پنهنجي زِندَگي جي هڪ هڪ پهلو کي سِيرتِ رَسُول جي مُطابِق بدلڻ جي ڪوشش ڪيون، ۽ سِيرت سان گڏوگڏ پنهنجي صُورَت کي به سُنّتن جي مُطَابِق اپنائڻ جي ڪوشش ڪيون۔ آقا ڪريم صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمان جي مُطَابِق هڪ مُٺ ڏاڙھي هجي، سنّت جي مُطَابِق زُلفون هجن، پياري پياري عِمامي شريف جو تاج سر تي سجيل هجي، سُنّتن جو آئينه دار
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami