• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • غوثِ پاڪ (رَحۡمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہ) جو ڪردار arrow icon
    • page 3
    book-logo
    book_icon
    غوثِ پاڪ (رَحۡمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہ) جو ڪردار
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    حضرت سيدُنا غَوثُ الاَعظَم شَيخ عبدُالقادِرجِيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وِلادَتِ باسَعادَت پهرين رَمَضان ۴۷۰ھ جُمعَةُ المُبارَڪ جو جِيلان ۾ ٿي۔ سندن ڪُنيت ابُو محّمد آهي جڏهن ته مُحِي الدِّين ( دين کي زندهه ڪرڻ وارا ) ، مَحبوبِ سُبحاني (الله سبحانه جا محبوب )، غَوثِ اَعظم، غَوثِ ثَقَلَين (سڀ کان وڏا ۽ جنن ۽ انسانن جا غوث ) وغيره سندن لقب آهن۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي والِدِ مُحتَرم جو نالو حضرت سَيدُنا ابُو صالِح مُوسي جَنگي دوست ۽ والِده مُحتَرَمَه جو نالو اُمُّ الخَير فَاطِمَه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا آهي، اوهان والِد جي طرف کان حَسَنِي ۽ امڙ سائڻ جي طرفان حُسَينِي سَيد آهن۔

    تُو حُسَیْنِی حَسَنِی کیوں نہ مُحِیُّ الدِّیں ہو

     

    اے خِضَر مَجْمَعِ بَحْرَیْن ہے چَشْمَہ تیرا

     (حدائقِ بخشش، ص ۱۹)

    مختصر وضاحت: يا غوث الاعظم اوهان جي ذات ڇو نه مُحيُ الدّين (دين کي زندهه ڪرڻ واري) ٿئي جو توهان حضرات حسنين ڪريمين منجهان آهيو ۽ اوهان رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جي ذات مبارڪه حسني حسيني درياءُ مان نڪرندڙچشموآهي                                                                حضرت سَيدُنا علّامه اِبنِ جَوزِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُ القادِر جِيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ۱۱رَبِيعُ الآخِر ۵۶۱ ھ هجري ۾ مَغرِب نماز کان پوءِ بَغداد شريف ۾ وِصال فرمايو، وِصال جي وقت سندن عُمر شريف تَقرِيباً 91 سال هئي، جَنازي نماز شهزاده غَوثِ اَعظم حضرت سَيدُنا سَيفُ الدِّين عبدُالوهاب قادِرِي رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه پڙھائي ۽ بيشمار ماڻهن جَنازي ۾ شِرڪت ڪئي۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مَزارِ پُراَنوار عِرَاق جي مَشهور شهر بَغداد شريف ۾ آهي جتي ڏينهن رات زَائِرِين جو ميڙ رهندو آهي۔      (الزيل علي طبقات الحنابلۃ،۳/۲۵۱،ملخصاً)

    شہرِ بَغداد مُجھ کو ہے پِیارا، خُوب دِلکش وہاں کانَظَّارَہ

    میرامُرْشِدجو جَلوَہ آرا ہے،واہ کِیا بات غَوْثِ اَعظم کی

    صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد


     

     

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami