Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat
اُن کي نَفْسِ لَوَّامَہ چوندا آهن (3): ٽيون نفس آھي: نَفْسِ مُطَمَئِنَّہ، ھي سڀني کان افضل ۽ اعليٰ درجي نفس جو آھي. جڏھن ماڻھوءَ جو اندر، سندس ضمير، سندس نفس اللہ پاڪ جي احڪامن ۽ ان جي رضا جي طلب ۾ لڳي وڃي، کيس نيڪي ڪرڻ ۾ مزو اچڻ لڳي، سڪون ملڻ لڳي، نيڪين کان پري رهڻ کيس بار محسوس ٿيڻ لڳي ته اھڙو نفس، نَفْسِ مُطَمَئِنَّہ آھي. ([1])
تنهنڪري جڏهن حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جو آخري وقت ٿيو ته کين خطاب ڪيو ويو:
یٰۤاَیَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَىٕنَّةُۗۖ(۲۷) (پارو: 30، سورة فجر: 27)
ترجموڪنزالعرفان: اي اطمينان وارا ساههَ.
معلوم ٿيو ته حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ پاڪ نفس وارا، اللہ پاڪ جي رضا ۾ راضي رھڻ وارا، ھر وقت سندس رضا جي تلاش ۾ رھڻ وارا، نيڪين ۾ سڪون حاصل ڪرڻ وارا، ذوق ۽ شوق ۽ استقامت سان نيڪ عمل ڪرڻ وارا آھن.
هنن آيتن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آھي ته: (2): پاڻ اللہ پاڪ کان راضي آھن ۽ اللہ پاڪ کانئن راضي آھي. (3): انهن کي جنت عطا ڪئي وئي آھي ۽ (4): کين اللہ پاڪ جي خاص الخاص ٻانهن ۾ شامل ڪيو ويو آھي.
حضرت حمز ھ جنت ۾ ٽيڪَ لڳائي ويٺل
حضرت عبد اللہ بن عباس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آھي ته اللہ پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: رات مان جنت