Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat
شيخ سعيد بن قطب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي مزار مبارڪ تي ڪثرت سان حاضري ڏيندا ھئا۔ عام طور تي مديني منورہ ۾ رهڻ وارا عاشقانِ رسول 12 رجب تي حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي مزار مبارڪ تي حاضري ڏيندا ھئا پر حضرت سعيد بن قطب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪجھ ڏينھن اڳ ئي حاضر ٿي ويندا ھئا ۽ 12 رجب تائين اتي ئي رھندا ھئا۔ شيخ محمد بن عبد اللطيف مالڪي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ھڪ ڏينھن مان به شيخ سعيد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سان گڏجي حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي مزار مبارڪ تي حاضر ٿي ويس، رات ٿي ته سڀ ماڻھو سُمهي پيا، پر مان انهن جي حفاظت لاءِ جاڳندو رھيس، رات جو مون ھڪ گھوڙي سوار ڏٺو، جيڪو مزار مبارڪ جي ويجھو چڪر لڳائي رھيو ھو۔ مون ان گهوڙي سوار کان پڇيو: توهان ڪير آھيو؟ فرمايائون: منھنجو نالو حمزہ بن عبد المطلب آھي ۽ مان توھان جي حفاظت ڪري رھيو آھيان۔ ايترو فرمائڻ کان پوءِ حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ نظرن کان غائب ٿي ويا. ([1])
بابُ الدُّعا ہے بےشک جن کا مزارِ اَنْور وہ بندۂ خدا ہیں حضرت امیر حمزہ
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ھنن ايمان افروز واقعن مان معلوم ٿيو ته حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ اُھي عظيم ۽ پاڪ روح واري ھستي آھن، جن کي حڪم ڪيو ويو:
فَادْخُلِیْ فِیْ عِبٰدِیْۙ(۲۹) (پارو: 30، سورة فجر: 29)
ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ