Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

واعدي جي پابندي ڪرڻ سنت آهي

2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): جيڪو واعدو پورو نه ٿو ڪري، ان جو ڪو ايمان نه آهي.([1]) (2): جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ سان واعدي خلافي ڪري ان تي الله پاڪ ۽ فرشتن ۽ سمورن انسانن جي لعنت آهي. ([2])

اي عاشقان رسول! واعدو پورو ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ بلڪه سنتِ انبياء آهي * اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم واعدي جا تمام گهڻا پابند هئا ۽ * واعدو ٽوڙڻ کي تمام گهڻو ناپسند فرمائيندا هئا * اعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص کين عرض ڪيو: توهان هتي ترسو! مان اِجهو واپس اچان ٿو، اُهو شخص هليو ويو پر کانئس واپس اچڻ وسري ويو، 3 ڏينهن کان پوءِ ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن هُو ان جاءِ تي پهتو ته هي ڏسي حيران ٿي ويو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 3 ڏينهن گذرڻ جي باوجود اتي ئي تشريف فرما هئا ۽ مَاشَآءَ اللہ! شفقت، رحمت ۽ حسنِ اخلاق ڏسو! جو پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي نه جِهڻڪيائون، نه ئي ان تي ڪاوڙ ڪيائون، بس ايترو فرمايائون: اي شخص! تون مون کي مشقت ۾ وجهي ڇڏيو. ([3]) الله پاڪ اسان کي به سُنتِ سرڪار تي عمل ڪندي واعدو نڀائڻ وارو بڻائي.

اٰمِیْن  بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن         صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبـ المدينه جو شايع ٿيل


 

 



[1]...مصنف اِبْنِ اَبِی شیبہ، کتاب الايمان، جلد:7صفحہ:223۔

[2]...بخاری، کتاب الجِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179۔

[3]...اَبُو داؤد، کتاب ادب، باب فی العدۃ، صفحہ:781، حدیث:4996۔