Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

فرشتن کي مُدَبِّر فرشتا چيو ويندو آهي. ([1]) عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: جڏھن نَفْسِ مُطَمَئِنَّہ واريون ھستيون يعني اولياءِ ڪرام دنيا مان ويندا آهن ته انهن کي به انھن فرشتن ۾ شامل ڪري مختلف ڊيوٽيون ڏنيون وينديون آهن. ([2])انهن جي متعلق ئي ارشاد ٿيو ته:

 

فَادْخُلِیْ فِیْ عِبٰدِیْۙ(۲۹) (پارو: 30، سورة فجر: 29)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ منھنجي خاص ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ.

يعني اي نَفْسِ مُطَمَئِنَّہ! اي پاڪ روحَ ...!! منھنجي خاص الخاص ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ ...!!

بيوَس جي مدد ۽ دستگِيرِي

عظيم عاشقِ رسول حضرت علامه يوسف بن اسماعيل نبھاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: ھڪ ڀيري سخت ڏُڪار پيو، انهيءَ ئي ڏُڪارَ جي دوران  حج جا ڏينھن به آيا۔ (اَلحَمۡدُلله! ڏُڪار جي باوجود عاشقانِ رسول حج ڪرڻ لاءِ پھتا)، حضرت شيخ احمد بن محمد دمياطي مصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   به مصر مان ٻه اُٺَ خريد ڪيا ۽ پنھنجي والدہ محترمه کي ساڻ ڪري حج لاءِ مڪي مڪرمه حاضر ٿي ويا۔ حج کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ سرڪارِ اعظم، رسولِ محتشم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪ بارگاھ ۾ سلام عرض ڪرڻ لاءِ مديني منورہ ۾ سندن حاضري ٿي، ھتي اچي سندن اُٺَ مَرِي ويا جڏهن ته سندن خرچ به ختم ٿي


 

 



[1]...،تفسیر طبری، پارہ:30، سورۂ نازعات، زیرِ آیت:5، جلد:12، صفحہ:420، رقم:36167۔

[2]...تفسیر خازن، پارہ:30،سورۂ نازعات، زیرِ آیت:5، جلد:4، صفحہ:391۔