Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

حاجيءَ به ان بزرگ جي وڏي عزت ڪئي۔ ھاڻي شيخ احمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جلدي جلدي پنھنجو سامان تيار ڪيو، والدہ محترمه کي ساڻ ڪيائون ۽ مصري حاجين جي خيمي ۾ پھچي ويا، ان وقت تائين اُھي نيڪ بزرگ اتي ئي تشريف فرما ھئا۔ ھاڻي نماز جو وقت ٿي چڪو ھو، شيخ احمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان بزرگ سان گڏجي مسجدِ نبوي شريف ۾ حاضر ٿيا، بزرگن فرمايو: احمد! اوھان ھلي نماز ادا ڪريو! شيخ احمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مسجد ۾ پھتا، نماز ادا ڪيائون، منتظر ھئا ته نيڪ بزرگ به اچڻ وارا ھوندا پر اُهي تشريف نه کڻي آيا. شيخ احمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مان کين ڏاڍو ڳوليو پر اُهي ڪٿي نظر نه آيا، آخرڪار مان شيخ صفي الدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ کين سڄو واقعو عرض ڪيو۔ شيخ صفي الدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان بزرگ جي حُليي شريف بابت ٻڌي فرمايو: اُھي نيڪ بزرگ ڪي ٻيا نه پر رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا چاچا سائين حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ ئي ھئا جيڪي اوھان جي پريشاني دور ڪرڻ لاءِ تشريف کڻي آيا ھئا۔([1])

سرکار کے ہیں دِلبر آقا امیرِ حمزہ!             ہیں مُحِبِّ حَبِیْبِ داوَر آقا امیرِ حمزہ!

بھرتے ہیں سب کا دامن اللہ کی عطا سے   آ جائے جو بھی در پر آقا امیرِ حمزہ!

بھر دیجیے مری جھولی، صدقے میں مصطفےٰ کے آیا ہوں تیرے در پر آقا امیرِ حمزہ!

طیبہ میں مَیْں بھی آؤں، اب دیجیے اجازت  میرے غریب پرور آقا امیرِ حمزہ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...جامع کرامات اولیا،جلد:1، صفحہ:108 خلاصۃً۔