Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat
نفس جي مخالفت ڪهڙن ڪمن ۾ ڪرڻ گهرجي
حضور غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏھن ڪاميابي چاھيو ٿا ته پنھنجي رب ڪريم جي اطاعت ۾ پنهنجي نفس جي مخالفت ڪريو! جيڪڏھن نفس رب ڪريم جي اطاعت (يعني نيڪ اعمال) جي خواہش ڪري ته اھڙي خواہش پوري ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏھن رب ڪريم جي نافرمانيءَ جي خواہش ڪري ته ان کان رڪجي وڃو...!! ([1])
نفس و شیطاں پر مجھے غلبہ عطا کر یاخُدا! اُس علی کا واسطہ دیتا ہوں جو ہے تیرا شیر
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
(2): نفس تي عبادت جو بارُ وِجهو!
پيارا اسلامي ڀائرو! تزڪيهءِ نفس لاءِ ٻي شيءِ جيڪا تمام ضروري آھي، اُها هيءَ آھي ته نفس تي عبادت جو بار وِڌو وڃي. نفس فطرتاً سُست ۽ لذت پسند آھي، ھي عبادت ڏانھن مائل نه ٿيندو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان نفس کي دٻائي، سندس مخالفت ڪندي عبادت تي سندرو ٻَڌُون * پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪريون * ان سان گڏوگڏ نوافل به ادا ڪريون * تہجد به پڙھون * اشراق ۽ چاشت ۽ اوابين جا نوافل به