Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اميرِ حمزھ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا پيارا چاچا جان آھن۔ پاڻ اسان جي پياري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادتِ باسعادت کان ٻه سال پهريان دنيا ۾ تشريف کڻي آيا. سندن چار مشھور لقب آھن: (1): اَسَدُ اللّٰہ (اللہ جو شينهن) (2) اَسَدُ الرَّسُول (رسول پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شينهن) (3): فاعِلُ الْخَیْرات (ڪثرت سان ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ وارو) ۽ (4): سَیّدُ الشُّہَدَاء (شھيدن جو سردار).([1])
کیا پوچھتے ہو کیا ہیں حضرت امیرِ حمزہ حیرت کی انتہا ہیں حضرت امیرِ حمزہ
اللہ رے یہ نسبت! اللہ رے یہ عظمت! سرکار کے چچا ہیں حضرت امیرِ حمزہ
معجمِ ڪبير ۾ آھي: اللہ پاڪ جي آخري نبي، رسولِ ھاشمي