Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat
(6): درودِ شفاعت
شافعِ امم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عظمت نشان آھي: جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙھندو، ان جي لاءِ منھنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آھي۔([1]) اچو ته گڏجي پڙھي وٺون:
اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَأَنْزِلْهُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَكَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ
(1): هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون
حضرت ابن عباس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آھي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ھن کي پڙھڻ واري جي لاءِ 70 فرشتا هڪ ھزار ڏينھن تائين نيڪيون لکندا رهندا آھن۔([2]) اچو ته گڏجي پڙھون:
جَزَى اللّٰهُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَّا هُوَ أَهْلُهٗ
(2): شَبِ قدر حاصل ڪري ورتي
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جنهن ھن دعا کي ٽي ڀيرا پڙھيو، ڄڻ ان شبِ قدر حاصل ڪري ورتي۔([3]) دعا ڪهڙي آھي؟ اچو ته گڏجي پڙھون ٿا:
لَا إِلٰهَ إِلَّا اللّٰهُ الْحَلِيمُ الْكَرِيمُ، سُبْحَانَ اللّٰهِ رَبِّ السَّمٰوَاتِ السَّبْعِ وَرَبِّ الْعَرْشِ الْعَظِيمِ