Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat
جي ڏينھن کيس گرفتار ڪري آندو ويندو، ان مان مراد ابوجھل آھي۔ ([1])
معجمِ ڪبير ۾ آھي: اللہ پاڪ جي آخري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ان ذات جو قسم جنھن جي قبضي ۾ منھنجي جان آھي! بيشڪ ستين آسمان تي لکيل آھي: حَمْزَةُ بْن عَبْدِ الْمُطَّلِبِ أَسَدُ اللهِ وَأَسَدُ رَسُوْلِهِ يعني حضرت حمزہ بن عبد المطلب اللہ ۽ ان جي رسول جو شينهن آھي. ([2])
وہی شیر ہیں خُدا کے اور شیر مصطفےٰ کے ہیں مُحِبِّ حبیبِ داور آقا امیر حمزہ!
(3): صاحبِ نَفْسِ مُطْمَئِنَّہ
پارو: 30، سورة فجر، آيت: 27 کان 30 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
یٰۤاَیَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَىٕنَّةُۗۖ(۲۷) ارْجِعِیْۤ اِلٰى رَبِّكِ رَاضِیَةً مَّرْضِیَّةًۚ(۲۸) فَادْخُلِیْ فِیْ عِبٰدِیْۙ(۲۹) وَ ادْخُلِیْ جَنَّتِیْ۠(۳۰)
(پارو: 30، سورة فجر: 30-27)
ترجمو ڪنز العرفان: اي اطمينان وارا ساههَ! پنھنجي رب جي طرف ھن حال ۾ موٽي اچ جو تون ان کان راضي هجين ھُو توکان راضي هجي پوءِ منھنجي خاص ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ ۽ منھنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.