Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

روايتن مطابق ھي آيتون حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي شان ۾ ئي نازل ٿيون آھن۔([1]) جڏھن سندن روح مبارڪ جسم پاڪ کان جدا ٿيڻ لڳو ته کين خطاب ڪيو ويو:

یٰۤاَیَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَىٕنَّةُۗۖ(۲۷) (پارو: 30، سورة فجر: 27)

ترجموڪنزالعرفان: اي اطمينان وارا ساههَ.

ارْجِعِیْۤ اِلٰى رَبِّكِ رَاضِیَةً مَّرْضِیَّةًۚ(۲۸) (پارو: 30، سورة فجر: 28)

ترجموڪنز العرفان: پنھنجي رب جي طرف ھن حال ۾ موٽي اچ جو تون ان کان راضي هجين ھُو توکان راضي هجي.

فَادْخُلِیْ فِیْ عِبٰدِیْۙ(۲۹) وَ ادْخُلِیْ جَنَّتِیْ۠(۳۰) (پارو: 30، سورة فجر: 30-29)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ منھنجي خاص ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ ۽ منھنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.

پيارا اسلامي ڀائرو! ھنن آياتِ ڪريمه مان ڪجھ ڳالھيون معلوم ٿيون: (1): حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ نفسِ مطمئنه وارا عظيم انسان آھن. 

نفس جا 3 قِسم

انساني نفس جا ٽي قسم آھن: (1): اُھو نفس جيڪو برائيءَ ڏانھن مائل ڪندو رهندو آهي، اُن کي نَفْسِ ا َمَّاره چوندا آهن. (2): اُھو نفس جيڪو ٻانهي کي گناھ تي تنبيهه ۽ ملامت ڪندو رھندو آهي،


 

 



[1]...تفسیر خازن، پارہ:30،سورۂ فجر، زیرِ آیت:27، جلد:4، صفحہ:428۔