Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat
روايتن مطابق ھي آيتون حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي شان ۾ ئي نازل ٿيون آھن۔([1]) جڏھن سندن روح مبارڪ جسم پاڪ کان جدا ٿيڻ لڳو ته کين خطاب ڪيو ويو:
یٰۤاَیَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَىٕنَّةُۗۖ(۲۷) (پارو: 30، سورة فجر: 27)
ترجموڪنزالعرفان: اي اطمينان وارا ساههَ.
ارْجِعِیْۤ اِلٰى رَبِّكِ رَاضِیَةً مَّرْضِیَّةًۚ(۲۸) (پارو: 30، سورة فجر: 28)
ترجموڪنز العرفان: پنھنجي رب جي طرف ھن حال ۾ موٽي اچ جو تون ان کان راضي هجين ھُو توکان راضي هجي.
فَادْخُلِیْ فِیْ عِبٰدِیْۙ(۲۹) وَ ادْخُلِیْ جَنَّتِیْ۠(۳۰) (پارو: 30، سورة فجر: 30-29)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ منھنجي خاص ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ ۽ منھنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.
پيارا اسلامي ڀائرو! ھنن آياتِ ڪريمه مان ڪجھ ڳالھيون معلوم ٿيون: (1): حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ نفسِ مطمئنه وارا عظيم انسان آھن.
انساني نفس جا ٽي قسم آھن: (1): اُھو نفس جيڪو برائيءَ ڏانھن مائل ڪندو رهندو آهي، اُن کي نَفْسِ ا َمَّاره چوندا آهن. (2): اُھو نفس جيڪو ٻانهي کي گناھ تي تنبيهه ۽ ملامت ڪندو رھندو آهي،