Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

منھنجي خاص ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ.

پاڻ الحمد للہ! انھن پاڪ ٻانهن ۾ شامل ٿي اللہ پاڪ جي عطا سان سندس ٻانهن جي مدد فرمائيندا آھن ۽ سوالين جون جهوليون ڀريندا آھن۔

نفسِ اَّمارھ  کي سڌاريو ...!!

اللہ پاڪ حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ تي ڪروڙين رحمتون نازل فرمائي، اللہ پاڪ اسان گنھگارن کي سندن فيضان نصيب فرمائي۔ ھتي اسان جي سِکڻ لاءِ به سبق آھي۔ ڏسو! نَفْسِ مُطَمَئِنَّہ جي ڪيڏي نه فضيلت آھي، جيڪو خوشنصيب پنھنجي نفس کي سُڌاري نَفْسِ مُطَمَئِنَّہ بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، ان جو روح قبض ٿيڻ وقت ان کي خوشخبري ڏني ويندي آهي ۽ کيس چيو ويندو آهي ته اي اطمينان واري جان! ھاڻي! پنھنجي رب ڏانھن موٽي اچ ۽ اللہ پاڪ جي خاص ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ ۽ اللہ پاڪ جي ٺاھيل جنت ۾ داخل ٿي وڃ...!!

سُبْحٰنَ اللہ! غور ته فرمايو! نَفْسِ مُطَمَئِنَّہ واري جو ڪيڏو شان آھي۔ اسان کي به گھرجي ته اسان پنھنجي نفسِ امارہ کي سُڌاري نَفْسِ مُطَمَئِنَّہ بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريون۔

 ڪاميابيءَ جو اصل معيار

اللہ پاڪ سيپاري: 30، سورة شمس، ۾ ارشاد فرمايو آهي: