Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat
آيتن کي ٻڌون ۽ انھن مان سبق حاصل ڪريون:
حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ ھجرت کان پهريان مڪي پاڪ ۾ ئي ايمان قبول ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔ جڏھن پاڻ اسلام جي دولت سان مالا مال ٿيا ته سندن شان ۾ ھيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي:
اَوَ مَنْ كَانَ مَیْتًا فَاَحْیَیْنٰهُ وَ جَعَلْنَا لَهٗ نُوْرًا یَّمْشِیْ بِهٖ فِی النَّاسِ كَمَنْ مَّثَلُهٗ فِی الظُّلُمٰتِ لَیْسَ بِخَارِجٍ مِّنْهَاؕ-
(پارو: 8، سورة انعام: 122)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڇا جيڪو مُردہ هو پوءِ اسان ان کي زندهه ڪري ڇڏيو ۽ اسان ان جي لاءِ هڪ نور بڻائي ڇڏيو جنهن سان گڏ اهو ماڻهن ۾ هلندو آهي (ڇا) اهو ان جهڙو ٿي ويندو جيڪو اونداھين ۾ (پيل) آهي (۽) انهن مان نڪرڻ وارو به ناهي. ([1])
ھتي ٻن ماڻھن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪئي وئي آھي: (1): ھڪ حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ انهن جي متعلق ارشاد ٿيو ته پاڻ پهريان ڪلمو نه پڙھيو ھئائون، پوءِ اللہ پاڪ کين ايمان جي توفيق بخشي ۽ سندن دل ۾ ايمان جو نور لاهي ڇڏيو. (2): ٻيو ابوجھل ان جي متعلق فرمايو ويو ته ھي اونداھين ۾ ڀٽڪي رھيو آھي، انهن مان نڪرڻ وارو نه آھي۔
فرمايو ويو: ڇا ھي ٻئي برابر ٿي سگھن ٿا ؟ ھرگز نه ٿا ٿي سگھن۔