Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

يعني نفسِ امارہ برائيءَ جو وڏو حڪم ڏيندڙ آھي، ان جي شر کان اُهو بچي سگهندو آھي جنھن تي اللہ پاڪ جو رحم ۽ فضل هوندو آهي.

هڪ دعاءِ مصطفيٰ

حضرت عبد اللہ بن عباس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: اللہ پاڪ جا آخري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سورة شمس جي هنن آيتن جي تلاوت ڪندا ھئا:

وَ نَفْسٍ وَّ مَا سَوّٰىهَاﭪ(۷) فَاَلْهَمَهَا فُجُوْرَهَا وَ تَقْوٰىهَاﭪ(۸) (پارو: 30، سورة شمس: 8-7)

ترجموڪنز العرفان: ۽ جان جو ۽ ان جو جنهن ان کي درست بڻايو. پوءِ ان جي نافرماني ۽ ان جي پرهيزگاري جي سمجهه ان جي دل ۾ وجهي ڇڏي.

پوءِ هيءَ دعا گھرندا ھئا: اَللّٰهُمَّ آتِ نَفْسِي تَقْوَاهَا أَنْتَ وَلِيُّهَا وَمَوْلَاهَا وَخَيْرُ مَنْ زَكَّاهَا. ([1]) 

ترجمو: اي اللہ پاڪ! منھنجي نفس کي تقويٰ عطا فرماءِ، تون ئي ان جو مالڪ ۽ مولا آھين ۽ تون ئي کيس بهتر پاڪيزگي عطا ڪرڻ وارو آھين.

اسان کي به گھرجي ته ھن اداءِ مصطفيٰ کي ادا ڪريون، وقت بوقت ھيءَ دعا پڙھندا ۽ گھرندا رھون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نفسِ امارہ جو زور


 

 



[1]...معجم کبیر ،جلد:5،صفحہ:283،حدیث:11028۔