Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

قَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَكّٰىهَاﭪ(۹) وَ قَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰىهَاؕ(۱۰) (پارو: 30، سورة شمس: 10-9)

ترجموڪنزالعرفان:بيشڪ جنهن نفس کي پاڪ ڪري ورتو اهو ڪامياب ٿي ويو ۽ بيشڪ جنهن نفس کي گناهن ۾ لڪائي ڇڏيو اهو ناڪام ٿي ويو.

معلوم ٿيو ته * ڪاميابيءَ جو معيار عزت ۽ شهرت نه آھي * ڪاميابيءَ جو معيار مال ۽ دولت، عيش و عشرت، اعليٰ منصب نه آھي، پر ڪاميابيءَ جو معيار آھي؟ تزڪيهءِ نفس ...!! ڪامياب آھي اُھو شخص جنھن پنھنجي نفس کي پاڪ ڪيو، پنھنجي نفس کي برن عقيدن، برن اخلاقن، برين عادتن ۽ باطني مرضن کان پاڪ ڪري ڇڏيو ۽ جنھن پنھنجي نفس کي پاڪ نه ڪيو، اُهو چاھي دنياوي اعتبار کان ڪيتري به بلنديءَ تي ڇو نه پھچي وڃي، اُهو ڪامياب نه پر حقيقت ۾ ناڪام ئي آھي.

بڑے مُوذی کو مارا نفسِ اَمّارہ کو گر مارا     نِہَنگ   و اَژدہا و شیرِ نَر مارا تو کیا مارا

وضاحت: مانگرمڇ، نانگ ۽ شينهن مارڻ ڪا وڏي ڳالھ نه آھي، وڏو ڪم ته نفسِ امارہ کي مارڻ (يعني گناھن کان روڪڻ) آھي.

تزڪيهءِ نفس جا 3 طريقا

حجة الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تزڪيهءِ نفس يعني نفسِ امارہ کي سُڌاري نَفْسِ مُطَمَئِنَّہ بڻائڻ جا ٽي بهترين طريقا ارشاد فرمايا آھن۔ پاڻ لکن ٿا: 3 شين جي مدد سان نفسِ امارہ جو