Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

آسانيءَ سان نفسِ امارہ جو زور ٽوڙڻ ۽ کيس سُڌارڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. 

میں نثار ایسا مسلماں  کیجیے                    توڑ  ڈالیں  نفس  کا  زُنّار  ہم ([1])

(3):  الله پاڪ کان مدد گهُرندا رهو!

 تزڪيهءِ نفس جي لاءِ سڀ کان اھم ڳالھ جيڪا تمام گهڻو ضروري آھي اُها هيءَ آھي ته اللہ پاڪ کان دعا گھرڻ ھرگز نه وساريو ڇو ته نفسِ امارہ  نهايت سرڪش دشمن آھي، شيطان جيڪو گمراھ ٿيڻ کان پھريان تمام وڏو عالم ۽ عبادت گذار ھو ۽ انتھائي چالاڪ ۽ مڪار به آهي، اُهو به نفسِ امارہ سان مقابلو نه ڪري سگھيو، ان بدبخت کي به نفسِ امارہ ڀٽڪائي ھميشہ لاءِ ڪافر ۽ نا مراد ڪري ڇڏيو ته پوءِ سوچيو ته اسان نفسِ امارہ سان مقابلو ڪيئن ڪري سگھنداسين۔ تنھنڪري جيڪڏهن اللہ پاڪ جي مدد شاملِ حال هوندي تڏهن ئي نفسِ امارہ کان ڇوٽڪارو ملي سگهندو. اللہ پاڪ جي نبي حضرت يوسف عليہ السلام جو ھي خوبصورت فرمان قرآن ڪريم ۾ به موجود آھي، پاڻ فرمايائون:

اِنَّ النَّفْسَ لَاَمَّارَةٌۢ بِالسُّوْٓءِ اِلَّا مَا رَحِمَ رَبِّیْؕ- (پارو: 13، سورة يوسف: 53)

ترجمو ڪنز العرفان: بيشڪ نفس ته برائيءَ جو وڏو حڪم ڏيندڙ آھي پر جنھن تي منھنجو رب رحم ڪري.


 

 



[1]... حدائق بخشش،صفحہ:84۔