Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat
(3): رحمت جا ستر دروازا
جيڪو ھي درود پاڪ پڙھندو آھي، ان تي رحمت جا 70 دروازا کوليا ويندا آھن۔ ([1]) اچو ته رحمتن ڀريو درودِ شريف پڙھون ٿا:
صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّدٍ
(4): 6 لک درود پڙهڻ جو ثواب
علامه احمد صاوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪجھ بزرگن جي حوالي سان لکن ٿا ته: ھن درود شريف کي ھڪ ڀيرو پڙھڻ سان 6 لک درود شريف پڙھڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي۔ ([2]) اچو ته گڏجي پڙھون:
اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِيْ عِلْمِ اللّٰهِ صَلَاةً دَآئِمَةً بِدَوَامِ مُلْكِ اللّٰهِ
(5): قُربِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم
ھڪ ڏينھن ھڪ شخص آيو ته حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کيس پنھنجي ۽ صديقِ اڪبر رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي وچ ۾ ويھاريو، اِهو ڏسي صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي حيرت ٿي ته ھيءُ ڪير ايڏي وڏي رتبي وارو شخص آھي! جڏھن ھو ھليو ويو ته سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ھي جڏھن مون تي درود پاڪ پڙھندو آھي ته هن طرح پڙھندو آھي۔([3]) اچو اسان به پڙھي وٺون:
اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍ كَمَا تُحِبُّ وَتَرْضٰى لَهٗ