Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

زور ٽوڙي سگھجي ٿو: (1): خواہشن کان رڪجي وڃڻ (2): نفس تي عبادتن جو بار وجھڻ (3): اللہ پاڪ کان مدد گھرڻ. ([1])

(1): خواهشن کان رُڪجي  وڃڻ

نفس جي وڏي ۾ وڏي خرابي هيءَ آھي ته ھُو خواہشون پاليندو آهي، جيڪڏھن اسان نفس جون خواہشون پوريون ڪرڻ ڇڏي ڏيون ته سندس زور پنهنجو پاڻ ٽٽي ويندو. 

 حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان سوال ٿيو: نفس جي بيماري، ان جو علاج ڪڏھن بڻجندي آھي؟ فرمايائون: جڏھن تون ان جي خواہشن جي مخالفت ڪندو رهندين (ته سندس بيماري ئي ان جو علاج ٿي ويندي). ([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! تزڪيهءِ نفس جو سڀ کان مؤثر طريقو ...!! نفس جي خواہشن کان رڪجي وڃڻ آھي۔ جيڪڏھن اسان ائين ڪنداسين ته ڇا حاصل ٿيندو؟ اللہ پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ اَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ وَ نَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوٰىۙ(۴۰) فَاِنَّ الْجَنَّةَ هِیَ الْمَاْوٰىؕ(۴۱)

 (پارو: 30، سورة نازعات: 41-40)

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ رھيو اُھو جيڪو پنھنجي رب جي حضور بيهڻ کان ڊنو ۽ نفس کي خواہش کان روڪيو ته بيشڪ جنت ئي ان جو ٺڪاڻو آھي.


 

 



[1]... منہاج العابدین،صفحہ: 143ملتقطاً ۔

[2]... لباب الاحیاء، صفحہ:217۔