Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

دعوتِ اِسلامي جي هفتيوار  اِجتماع ۾ پڙهڻ  وارا 6  دُرُود پاڪ ،2 دعائون  ۽ 2 حديثون

(1):  شَبِ جمعه جو درود

بزرگن فرمايو آھي ته جيڪو شخص ھر شبِ جمعه (يعني خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات) ھي درود پاڪ پابنديءَ سان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڀيرو پڙھندو، اُهو موت جي وقت سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به، ايسيتائين ڏسندو ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کيس قبر ۾ پنھنجن رحمت ڀرين ھٿن سان لاهي رھيا آھن۔([1]) اچو ته! گڏجي ھي درود شريف پڙھون ٿا:

اَللّٰهُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰي سَيِّدِنَا مُحَمَّدِنِ النَّبِيِّ الْأُمِّيِّ الْحَبِيبِ الْعَالِي الْقَدْرِ الْعَظِيمِ الْجَاهِ وَعَلٰي آلِهٖ وَصَحْبِهٖ وَسَلِّمْ

(2):  سموارا گناهه معاف

حضرت انس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آھي ته تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو شخص ھي درود پاڪ پڙھندو، جيڪڏھن بيٺو ھوندو ته ويھڻ کان پھريان ۽ جيڪڏهن ويٺو ھوندو ته بيهڻ کان پھريان، سندس گناھ معاف ڪيا ويندا۔([2]) اچو ته گڏجي پڙھون ٿا:

اَللّٰهُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِنَا وَمَوْلَانَا مُحَمَّدٍ وَعَلٰي آلِهٖ وَسَلِّمْ


 

 



[1]...اَفضَل الصَّلاۃ ،صفحہ:151،خلاصۃً ۔

[2]...اَفضَل الصَّلاۃ ،صفحہ:65 ۔