Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

بيماريءَ جو علاج هي آھي ته سندن دليون زندهه ڪيون وڃن.

الله پاڪ بهتر واعدو فرمايو

سيپارو: 20، سورة قصص، آيت: 61 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

اَفَمَنْ وَّعَدْنٰهُ وَعْدًا حَسَنًا فَهُوَ لَاقِیْهِ كَمَنْ مَّتَّعْنٰهُ مَتَاعَ الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا ثُمَّ هُوَ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ مِنَ الْمُحْضَرِیْنَ(۶۱) (پارو: 20، سورة قصص، آيت: 61)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ اهو شخص جنهن سان اسان جو سٺو واعدو ٿيل آهي سو اهو ان (واعدي) سان ملڻ وارو (به) آهي ڇا اهو ان شخص جهڙو آهي جنهن کي اسان (فقط) دنياوي زندگي جو نفعو گذر سفر لاءِ ڏنو هجي پوءِ اهو قيامت جي ڏينهن گرفتار ڪري حاضر ڪيلن منجھان هجي.

ھن آيتِ ڪريمه ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ٻه شخص آھن: (1): ھڪ اُھو آھي جنھن سان اللہ پاڪ جنت جو واعدو فرمايو آھي ۽ اُھو ضرور جنت ۾ داخل ڪيو ويندو. (2): ٻيو اُھو آھي جنھن کي دنيا جو مال ڏنو ويو، پوءِ قيامت جي ڏينھن ان کي گرفتار ڪري آندو ويندو، ڇا ھي ٻئي برابر ٿي سگھن ٿا؟ ھرگز نه ٿا ٿي سگھن. مفسرين ڪرام فرمائن ٿا ته: ھيءَ آيتِ ڪريمه به حضرت امير حمزہ ۽ ابوجھل جي باري ۾ نازل ٿي. ھن آيت ۾ اُھو شخص جنھن سان اللہ پاڪ جنت جو واعدو فرمايو آھي، ان مان مراد حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ آھن ۽ اُھو شخص جنھن کي دنياوي مال ڏنو ويو پر قيامت