Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat

۾ داخل ٿيس ته ڏٺم ته اُتي حضرت حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ پنھنجن دوستن سان گڏ موجود ھئا۔ ([1]) 

ھڪ روايت ۾ آھي، فرمايائون: رات مان جنت ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم ته حضرت جعفر طيار رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرشتن سان گڏ ھوا ۾ اڏامي رھيا ھئا جڏهن ته حضرت حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ تخت تي ٽيڪ لڳائي ويٺا ھئا. ([2])

خاص الخاص ٻانها ڪير آهن ...؟ 

پيارا اسلامي ڀائرو! ھنن آيتن ۾ فرمايو ويو:

فَادْخُلِیْ فِیْ عِبٰدِیْۙ(۲۹) (پارو: 30، سورة فجر: 29)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ منھنجي خاص ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ.

ھتي عِبَادِیْ (يعني اللہ پاڪ جا خاص الخاص ٻانها) ڪير آھن؟ اِن سلسلي ۾ قرآن ڪريم جي هڪ ٻي آيت ۾ آھي:

 

فَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًاۘ(۵) (پارو: 30، سورة نازعات: 5)

ترجموڪنزالعرفان:پوءِ (قسم آهي) ڪائنات جو نظام هلائڻ وارن جو.

اللہ پاڪ جا مختلف فرشتا آھن جن جون مختلف ڊيوٽيون لڳايون  وينديون آھن۔ * ڪو فرشتو برسات وسائڻ تي مقرر آھي * ڪو جبلن تي مقرر آھي * ڪجھ فرشتا اسان جا اعمال لکڻ تي مقرر آھن * اهڙي طرح مختلف فرشتن کي مختلف ذميواريون آھن، انهن


 

 



[1]...استیعاب، رقم:331، باب جعفر، جلد:1، صفحہ:314ملتقطاً۔

[2]...مستدرک، کتاب معرفۃ الصحابۃ، جلد:4، صفحہ:201، حدیث:4942۔