Book Name:Shan e Ameer e Hamza Me Qurani Ayaat
چڪو ھو، تنھنڪري پاڻ ڏاڍو پريشان ٿيا ته اُٺَ مري ويا آھن، واپسيءَ جو ڪرايو به نه آھي، ھاڻي گھر ڏانهن واپسي ڪيئن ٿيندي؟ انهيءَ پريشانيءَ جي حالت ۾ شيخ احمد دمياطي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه شيخ صفي الدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ ساڻن سڄي صورتحال عرض ڪيائون. شيخ صفي الدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: اوھان رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري چاچا جان حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي مزارِ پُر انوار تي حاضري ڏيو، اُتي قرآن ڪريم جي تلاوت ڪريو ۽ پنھنجي پريشاني عرض ڪريو!
شيخ احمد دمياطي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ھِن نصيحت تي عمل ڪيو ۽ حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي مزارِ پر انوار تي حاضر ٿي ويا، ھِتي قرآن مجيد جي تلاوت ڪيائون، پوءِ حضرت امير حمزہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي خدمت ۾ پنھنجي پريشاني بابت عرض ڪيائون. ھِتي حاضري ڏيڻ کان پوءِ جڏھن پاڻ پنھنجي رھائش گاهه تي واپس پھتا ته سندن والدہ محترمه کين ٻڌايو ته: پُٽَ! ھڪ شخص توھان جو پڇي رھيو ھو۔
اِهو ٻڌي شيخ احمد دمياطي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مسجدِ نبوي شريف ۾ حاضر ٿيا، ڏٺائون ته ھڪ رعبدار ۽ اڇي ڏاڙھي وارو شخص آھي، کين ڏسندي ئي فرمايائين: شيخ احمد! مرحبا...!! شيخ احمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون جلدي جلدي اڳتي وڌي سندن ھٿ چميا، فرمايائون: احمد! توھان مصر ھليا وڃو! مون عرض ڪيو: عالي جاھ! ڪيئن وڃان؟ مون وَٽ ته ڪرايو به نه آھي ۽ اُٺَ به مري ويا آھن۔ اُھي بزرگ شيخ احمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي پاڻ سان گڏ وٺي مصري حاجين جي ھڪ خيمي ۾ آيا ۽ ھڪ شخص کي اُٺَن جو ڪرايو ڏئي فرمايائون: توھان شيخ احمد ۽ سندن والدہ کي مصر پھچائي ڇڏيو۔ ان مصري